تاريخ سنڌ المعروف به تحفئه السلاطين

تاريخ سنڌ المعروف به تحفئه السلاطين (ڪتاب): سنڌ جي تاريخ تي مشتمل هيءُ مستند ڪتاب فارسي ٻوليءَ ۾ آخوند احمد سانوڻي هالائيءَ جو لکيل آهي. آخوند احمد سانوڻي تخلص ’احمد‘ ۽ ’احمدي‘، آخوند عبدالعليم سانوڻيءَ جو فرزند هو. هي مختلف علمن جو ماهر، قرآن مجيد جو حافظ، متقي ۽ پرهيزگار هو. سڄي زندگي تعليم ۽
شعر گوئي ۾ بسر ڪيائين. حيدرآباد جي ٽالپر حاڪمن وٽ سندس وڏي عزت ۽ مان هوندو هو. هز هائينس مير محمد حسن علي خان ٽالپر ۽ حيدرآباد جو آخري هز هائينس مير حاجي نور محمد خان ٽالپر پڻ آخوند صاحب جا شاگرد هئا. آخوند صاحب ڪيترن ٽالپر شهزادن جي ولادتن ۽ ٻين مسرت جي موقعن ۽ وڏن ميرن جي وفات تي لاجواب قطعه تاريخون چيون آهن. قطعه تاريخ جي فن ۾ کيس وڏي مهارت حاصل هئي. عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ يڪتاءِ روزگار هو ۽ ٽنهي ٻولين ۾ لاجواب شعر چيا اٿس.
آخوند احمد سانوڻي اڪثر پنهنجي دوستن کي منظوم خط لکندو هو، جن مان ڪيترا عربي ٻوليءَ ۾ آهن. آخوند صاحب علم و عبادت جي وصفن کانسواءِ خانداني عمليات، علم جعفر، ورد وظيفن ۽ مسخرات جو به عالم هو. اڪثر وقت عبادتِ خدا ۾ مشغول رهندو هو. ٻين ٽالپر شهزادن وانگر مير محمد علي خان ٽالپر ’بهرور‘ ابن مير صوبدار خان به آخوند صاحب جو شاگرد هو. ملا آخوند احمد سانوڻي هالائي هڪ جيد عالم، عابد، زاهد، متقي ۽ پرهيزگار هو. هن هڪ سؤ سالن کان به وڏي ڄمار ۾ 1317هه/1899ع ۾ وفات ڪئي ۽ اباڻي قبرستان ۾ مدفون آهي.
’مثنوي جنگ نامه‘ کانسواءِ آخوند صاحب جي هڪ ٻي ناياب تصنيف به آهي، جنهن کان اڪثر سنڌ جا محقق ۽ تاريخدان آشنا نه آهن. اها تصنيف سنڌ جي تاريخ بابت هڪ اهم تصنيف آهي، جيڪا ’تحفئه السلاطين‘ جي نالي سان مشهور آهي. اها تاريخ آخوند صاحب فارسي نثر ۾، 23 ربيع الاول 1277هه/9 آگسٽ 1860ع تي لکي، هز هائينس مير محمد حسين علي خان ٽالپر جي نالي سان معنون ڪئي. اها تصنيف ٻن جلدن تي مشتمل آهي، پهريون جلد حضرت آدمعه کان نبي پاڪ
صلي الله عليه وسلم ۽ چاليهن معصومن جي احوال تي مشتمل آهي ۽ ٻيو جلد مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي ’تحفة الڪرام‘ جي ٽئين جلد جي نهج تي، برهمڻ عهد کان وٺي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي احوال تائين آهي. ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ ڪل ڇهه باب آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
فصل اول- برهمن و عرب حڪمران، فصل دوم- تذڪره سومره،
فصل سوم- تاريخ طاهري، فصل چهارم- تواريخ بکري، فصل پنجم- تواريخ لاري، فصل ششم- تحفة الڪرام.
ڪتاب جي شروعات هن شعر سان ڪئي اٿس.
باسم الله قد دارت سموات
به امرالله قدر سخت جبال
۽ اختتام هنن لفظن سان ڪيو اٿس.
”... به هردو ڪنارش باغات خوش و نشيمن ما حضور فقراست.“
آخر ۾ ترقيمه واري عبارت هيئن لکيل آهي.
”... الحمد لله و المنه که بحسب فرمان لازم الاذعان قضا جريان حضرت بندگان خديو جهان خسرو دوران ڪيوان ايوان ملائڪ پاسبان فلڪ آستان مير صاحب عظيم الشان غضنفر سطوت هزبر صولت بلند فطرت عالي همت مالڪ رقاب امم سحاب ڪرم حاتم همم ابر عطا بحر سخا سلطان بن سلطان مير صاحب مير محمد حسين علي خان ٽالپر مدالله تعالى ظلال اقباله و اجلاله دمر الله اعدائه جلد ثاني تحفئه السلاطين صورت اختتام يافت.“
آخوند احمد سانوڻيءَ جي هن تصنيف ۾ سنڌ جي تاريخ جا نوان پهلو پڻ اجاگر ٿين ٿا. ان کانسواءِ اهي حقيقتون ۽ وضاحتون پڻ هن ڪتاب ۾ ملن ٿيون، جيڪي قديم مؤرخ ۽ محقق قلمبند نه ڪري سگهيا آهن. هن مستند قديم تاريخ سنڌ جو قلمي نسخو سنڌ جي نامور محقق، تاريخدان، اديب ۽ شاعر مرزا عباس علي بيگ جي ڪتبخابي ۾ موجود آهي، جيڪو اڃا تائين ڇپجي نه سگهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو